لونگ خان سيتائي لائق

لونگ خان سيتائي ’لائق‘: لونگ خان ولد محمد پريل سولنگي، سيتا وليج جي ڀر ۾ واقع ننڍڙي ڳوٺ ’وريو سولنگيءَ‘ ۾ 21 جون 1932ع تي پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم پرائمري اسڪول سيتا وليج مان ورتي ۽ سنڌي فائينل جو امتحان 1947ع ۾ پاس ڪري 11 جون 1948ع کان استادي پيشو اختيار ڪيو. شاعريءَ جو شوق کيس شاگرديءَ جي زماني ۾ ٿيو. هي ڪافيون ڪلام ٺاهي پنهنجي ذوق جي تڪميل ڪندو هو. ان دور جي مشهور شاعر ۽ اديب حڪيم جمع خان ’غريب‘ جي زير تربيت رهي. شاعريءَ جي وزن بحر ۽ فني لوازمن جي باضابطه ڄاڻ حاصل ڪيائين ۽ ان جي وفات کانپوءِ ان دور جي قادرالڪلام شاعر عبدالله اثر لاڙڪاڻويءَ کان به اصلاح وٺندو رهيو. پنهنجي محنت، مشق آزمائي ۽ ذهني صلاحيتن سبب علم عروض تي عبور حاصل ڪري شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪيائين.سنڌ جي جنهن پهرئين مشاعري ۾ هن شرڪت ڪئي، اهو حيدرآباد ۾ منعقد ٿيو هو ۽ ان جي طرح هئي: ’قصئه منصور ٿي يا طور جو افسانو ٿي‘. اهڙيءَ طرح لونگ لائق سيتائي، جمعيت الشعراء سنڌ ۽ ٻين مختلف بزمن ۽ ادبي انجمن طرفان منعقد ٿيندڙ مشاعرن ۾ وڏي جوش و خروش سان حصو وٺندو رهيو. سنڌ جي ان دور جو ڪو شايدئي اهڙو مشاعرو هجي، جنهن ۾ لائق سيتائي حصو نه ورتو هجي. ان ڳالهه جو ثبوت پٺتي ڇڏيل ڪثير تعداد ادبي دعوت نامن مان ملي ٿو. شاعريءَ سان کيس بيحد لڳاءُ هو، جتي به ويهندو ته دوستن احبابن کي موقعي جي مناسبت سان شعر ٻڌائيندو هو.سندس وفات 21 اپريل 1987ع ۾ ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1932.06.21  عيسوي

لونگ خان ولد محمد پريل سولنگي، سيتا وليج جي ڀر ۾ واقع ننڍڙي ڳوٺ ’وريو سولنگيءَ‘ ۾ 21 جون 1932ع تي پيدا ٿيو.


1987.04.21  عيسوي

لونگ خان جي وفات 21 اپريل 1987ع ۾ ٿي.



- ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

لونگ خان سيتائي لائق
اقصيٰ ڪينجهر ليلا جمالي
پليٿَڻُ
پهاڄ
سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون 2
پلوٽو گرهه
ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون